پهلاج راءِ مسافر

پهلاج راءِ ”مسافر“: پهلاج راءِ ”مسافر“ 1939ع ۾ روهڙي (سنڌ) ۾ پيدا ٿيو. تعليم مئٽرڪ تائين حاصل ڪيائين. ورهاڱي کان پوءِ الهاس نگر (ڀارت) ۾ وڃي آباد ٿيو، جتي 1950ع کان 1957ع تائين رهيو. ان کان پوءِ راءِ پور ۾ رهائش اختيار ڪيائين. هن جي شاعري ٽماهي مهراڻ (سنڌ)، هندواسي، نيو سنسار سماچار، ڀارت واسي، تصوير، پونجي، رهاڻ، ويڻا ۽ نئين زندگيءَ جهڙن معياري رسالن ۾ ڇپي. هي شطرنج، ويڻا، ساهتيه سرهاڻ ۽ نوسنديش رسالن جو ايڊيٽر رهيو. 1960ع ۾ مڌيه پرديش ۾ پهريون سنڌي ناٽڪ ”ارضيا“ ڊائريڪٽ ڪيائين. 1958ع ۾ مڌيه پرديش ۾ اکل ڀارت سنڌي ڪوي سميلن (مشاعرو) ڪوٺايائين، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي قومي شاعر هوندراج دکايل به حصو ورتو هو. هن ڪيتريون ڪهاڻيون به لکيون آهن، جن مان: چماٽ، آنسن جي آغوش ۾، مونا مري ويئي وغيره مشهور آهن. هن ڪافي مضمون ۽ مقالا به لکيا آهن. جن ۾ ڪبير ڇا ڪروير، منهنجي وس واڪا، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو، ضيا سنڌي ساهتيه جو چمڪندڙ ستارو ڪافي مقبول ٿيا. هن جي شاعريءَ جا ٻه ڪتاب ڇپيل آهن. (1) ”هڪ بهار گل هزار“ (1983ع) (2) ”شعرِ مسافر“. جڏهن ته هن هڪ ڪتاب “A Tale of Two Cities” جو سنڌيءَ ۾ ترجمو به ڪيو. هن جي شعري مجموعي ”هڪ بهار گل هزار“ جو مهاڳ ناليواري شاعر هري دلگير لکيو آهي. هن ڪتاب جي اشاعت عجيب مرحلن مان گذري. پهلاج راءِ مسافر هي شعري مجموعو 1958ع ۾ ڇپائڻ جو ارادو ڪيو هو ۽ ان جو مهاڳ لکڻ لاءِ پرسرام ضيا کي گذارش ڪئي هئي، پر اهو مسودو سفر دؤران کانئس گم ٿي ويو. ان کان پوءِ ڪيل شاعريءَ جي ڪتاب جو به ساڳيو نالو رکيائين. ان جو مواد هري دلگير کان لکائي رائپور جي هڪ پريس ۾ ڇپڻ لاءِ ڏنائين. اوچتو هن پريس جو ڪمپازيٽر هليو ويو، پريس بند ٿي ويئي ۽ ڪتاب گُم ٿي ويو. هي سندس ساڳئي نالي وارو شاعريءَ جو ٽيون مسودو هو، جيڪو 1983ع ۾ ڇپيو، جنهن کي ”مسافر“ پنهنجي شاعريءَ جو ٽيون جنم سڏيو آهـي.


لفظ پهلاج راءِ مسافرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو